تن 3

تُنَ3: ڀرت جو هڪ قسم، خاص ڪري ٿر ۾ اهو ڀريو ويندو آهي. اهو ڀرت وهاڻن ۽ چادرن تي ڀريو ويندو آهي. ان کانسواءِ ڪٿي ڪو ڪپڙو ڦاٽي پوندو آهي ته ساڳئي رنگ جي ڌاڳي سان تُن ڀري پائبو آهي. اهو ڀرت هرمُچ ڀرت واري نموني جو ٿيندو آهي. ڪپڙي جا سوراخ ڌاڳي سان ڀرڻ جي عمل کي به ”تن“ چئبو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو